زاهد ڪنڀار

زاهد ڪنڀار

زاهد ڪنڀار

زاهد ڪنڀار: شاعر، محقق ۽ مترجم زاهد ڪنڀار جو اصل نالو محمد حسن ڪنڀار آهي. هن پهرين اپريل 1960ع تي غريب پورهيت غلام محمد ڪنڀار جي گهر، ٽنڊي جان محمد ۾ جنم ورتو. غربت سبب تعليم حاصل نه ڪري سگهيو ۽ ننڍپڻ کان پورهيوڪرڻ لڳو. اڳتي هلي نامور محقق معمور يوسفاڻيءَ جي صحبت سبب ادب ڏانهن لاڙو ٿيو، جنهن کيس ‘زاهد’ جي تخلص سان نوازيو. هن ادب جي شروعات شاعري کان ڪئي. سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ سرائڪي ٻولين ۾ پڻ شاعري ڪئي اٿس. هي بهترين مقرر ۽ شاعر آهي. سندس شاعري نامور راڳين، تاج مستاني، فيروزگل، غفور گل، غلام شبير شاهاڻي، اقرار وحيد، قمر سومري، جهانزيب پٺاڻ، امبر آرا ۽ ٻين ڳائي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘اشارن جي دنيا’ (شاعري)، ‘ڀڳت نارائڻ داس’ (نثر)، ‘سڄڻ ۽ ساڻيهه’ (نثر)، ‘آس جا گل’ (شاعري)، ‘ڌرتي جو قرض’ (شاعري)، ‘ٽنڊو جان محمد- تاريخ جي آئيني ۾’ (تحقيق)، ‘پراڻ جا پير’ (تحقيق)، ‘يادِ بينظير’ (ترتيب)، ‘ڳاڙها گل’ (ترتيب ) ۽ ‘حج جو سفر’ (ترتيب) شامل آهن. جڏهن ته ‘پراڻ تي آباد راڄڌانيون’ نالي سان جامع تحقيق تي مشتمل ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهي. کيس ڪتاب ‘پراڻ جا پير’ تي ‘پراڻ مڃتا اوارڊ’ پڻ مليو اٿس. هي سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ به سرگرم رهي ٿو. يونين ڪائونسل ٽنڊي جان محمد جو ڪائونسلر پڻ رهي چڪو آهي ۽ ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان پڻ وابسته آهي، جن مان سينيٽيشن ڪميٽيءَ جو چيئرمئن، سرهاڻ ادبي سنگت ٽنڊي جان محمد جو آرگنائيزر، ادبي ثقافتي سماجي تنظيم ٽنڊي جان محمد جو ميمبر، سخي جان محمد ڪميٽيءَ جو ميمبر، سٽيزن ڪلب ٽنڊي جان محمد جو ميمبر آهي.
کيس ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. پاڻ ٽنڊي جان محمد ۾ رهي ٿو.


لفظ زاهد ڪنڀارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.04.01  عيسوي

شاعر، محقق ۽ مترجم زاهد ڪنڀار جو اصل نالو محمد حسن ڪنڀار آهي. هن پهرين اپريل 1960ع تي غريب پورهيت غلام محمد ڪنڀار جي گهر، ٽنڊي جان محمد ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳوان فتح چند ڀاوناڻي
دانشور خان
بيدل فقير
شيخ پراڙ
کيمن يو مولاڻي
سيد ضياءُالدين ضيا ٺٽوي
ثناءُ الله ثنا سرهندي
فقير عبدالله مسڻ صوفي
اشرف پلي
دقيقي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون